جيستائين بااثرن جو نااهل اولاد پيدا ٿيندو سفارش ختم نه ٿيندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

0
109
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهرين جي وارثن جون دانهون، عدالت جو اهم حڪم
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهرين جي وارثن جون دانهون، عدالت جو اهم حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين تي 4 ڊسمبر تائين پابندي برقرار، عدالت سفارشي ڀرتين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيستائين بااثر ماڻھن جي نااھل اولاد پيدا ٿيندي ۽ غريب کي ميرٽ تي نوڪري نه ملندي تيستائين  سفارش جاري رھندي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ ۾ گريڊ ھڪ کان 15 تائين نيون ڀرتيون ڪرڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران درخواست گذار ايم ڪيو ايم جو وڪيل فروغ نسيم پيش نه ٿيو، ٻڌڻي دوران عدالت سفارشي ڀرتين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي سنڌ چائلڊ هيلٿ ڪيئر جي  آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جيڪڏهن سفارش تي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون ته پوءِ سفارش به ڪيستائين ايندي رھندي، جسٽس ظفر راجپوت ريمارڪس ڏنا ته جيستائين بااثر ماڻهن جي نااهل اولاد پيدا ٿيندي

پراڻو نظام تبديل نه ٿيندو ۽ غريب کي ميرٽ تي نوڪري نه ملندي تيستائين سفارش ايندي رھندي، سرڪاري اسپتالن ۾ ٻارڙا به نااھل عملي جي ڪري مري رھيا آھن، اسان کي خبر آهي ته بااثر ماڻهن جا ٻار ڪيئن ايم بي بي ايس پاس ڪن ٿا،  عدالت سنڌ چائلڊ هيلٿ ڪيئر کان ملازمن جي ضابطن بابت تفصيل طلب ڪري ورتا، عدالت چيو ته ترقي يافته ملڪن ۾ ڪانٽريڪٽ تي ملازم رکيا ويندا  آهن، پر ھتي ته رڳو سفارش ڪلچر آهي، ڪارڪردگي ناھي ڏٺي ويندي رڳو اھو ڏسبو آھي ته ماڻھو ڪنھن جو آھي؟

عدالت درخواستگذار جي وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس ظفر راجپوت چيو ته ھي ڪوئي طريقو ناھي ته توھان اسٽي آرڊر وٺي عدالت ۾ پيش نه ٿيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي بئريسٽر فروغ نسيم جي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت نوڪرين تي پابندي واري حڪم ۾ 4 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي