اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) ارسا تڪراري چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي لاڳيتو ٻئي ڏينهن به 7 هزار ڪيوسڪس ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال کي 6 هزار ڪيوسڪس اضافي پاڻي فراهم ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب 18 جولاءِ تي ٽي پي لنڪ ڪئنال کي پاڻي جي فراهمي 6 هزار 181 ڪيوسڪس ٿي رهي هئي، ڪالهه لنڪ ڪئنال کي فراهمي ۾ غيرمعمولي اضافو ڪري فراهمي 12 هزار ڪيوسڪس ڪئي وئي آهي. جڏهن ته 17 جولاءِ تي سي جي لنڪ ڪئنال کي پاڻي جي فراهمي 3300 ڪيوسڪس هئي جنهن کي 18 جولاءِ تي 10 هزار ڪيو ويو، ڪالهه وڌيڪ اضافو ڪري 17 هزار 194 ڪيوسڪس ڪئي وئي آهي. ڪالهه درياهن ۾ پاڻي جي آمد 3 لک 97 هزار 300 ڪيوسڪس رهي. سانوڻين جي وڏين برساتن جي ڪري تربيلا مان پاڻي جي کڻت گهٽائي وئي آهي. هڪ ڏينهن پهريان کڻت ڏيڍ لک ڪيوسڪس هئي جنهن کي گهٽائي هڪ لک 35 هزار ڪيوسڪس ڪيو ويو آهي. هڪ ڏينهن پهريان چشما وٽان پاڻي ڇوڙ 2 لک 5 هزار ڪيوسڪس هو، جنهن ۾ ڪالهه اضافو ڪري 2 لک 20 هزار ڪيوسڪس ڪيو ويو آهي. ڪالهه گڊو بئراج جو مٿيون وهڪرو هڪ لک 38 هزار 200 ۽ هيٺاهون وهڪرو 95 هزار ڪيوسڪس رهيو، سکر بئراج جو مٿيون وهڪرو 91 هزار 900، هيٺيون 37 هزار 400 ڪيوسڪس جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج جو مٿيون وهڪرو 24 هزار 400 ڪيوسڪس ۽ هيٺيون وهڪرو 500 ڪيوسڪس رهيو.