ارسا سدائين درياهن ۾ پاڻي کوٽ جو بهانو ڪري سنڌ جو پاڻي گهٽائي ڇڏيندو آهي:شيري رحمان

0
439

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ارسا سدائين درياهن ۾ پاڻي کوٽ جو بهانو ڪري سنڌ جو پاڻي گهٽائي ڇڏيندو آهي، مسئلو پاڻي جي کوٽ نه، پر ورڇ جو آهي، وفاقي سرڪار پاڻي جو نئون تڪرار پيدا نه ڪري، پ پ سينيٽر شيري رحمان ارسا جي وضاحتي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ارسا طرفان سنڌ جو حصو 15 کان 20 سيڪڙو گهٽائڻ 91ع واري معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي، پاڻي معاهدي جي ڪيترائي ڀيرا ڀڃڪڙي ڪئي وئي، صوبن جي احتجاجن باوجود گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس به پاڻي مامري تي اڳتي نٿو وڌي، هن معاملي تي بحث لاءِ سينيٽ ۾ التوا جي رٿ جمع ڪرائي ويندي.