اداڪار سيٽ تي ڊائلاگ ياد ڪرڻ بدران ڳالهيون ڪن ٿا:مريم نفيس

0
262

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪارا مريم نفيس چيو آهي ته اداڪار سيٽ تي ڊائلاگ ياد ڪرڻ بدران ڳالهيون ڪن ٿا. اداڪارا مريم نفيس هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ شريڪ ٿي ساٿي اداڪارن بابت پنهنجي تجربي کان آگاهه ڪيو. هن چيو اڪثر اداڪار سيٽ تي ڊائلاگ ياد ڪرڻ بدران ڳالهيون ڪندا رهندا آهن جنهن سبب کين رڪارڊنگ ۾ تڪليف ڏسڻي پوندي آهي. هن چيو ته ٿيٽر جي زندگي منهنجي گهر جهڙي رهي پر ان جي ڀيٽ ۾ ٽي وي جي زندگي تمام گهڻي ڏکي آهي.