اداڪارا مايا عليءَ جي طبيعت بهتر نه ٿي، خاص دعائن جي اپيل

0
220

لاهور (شوبز نيوز) ادارا مايا عليءَ جي طبيعت هڪ ڀيرو ٻيهر خراب ٿي وئي آهي، هن پنهنجي مداحن کان خاص دعائن جي اپيل ڪئي آهي، ميڊيائي رپورٽن موجب اداڪارا جي سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ تي هڪ صارف کانئس سوال ڪيو ته کيس خبر پئي آهي ته توهان جي طبيعت خراب آهي، هاڻي توهان جي طبيعت ڪيئن آهي، جواب ۾ مايا عليءَ چيو ته مون کي توهان جي دعائن جي ضرورت آهي. ان ڳالهه کان پوءِ مداحن اداڪارا جي صحت جي لاءِ دعائن واريون پوسٽون شيئر ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪيترن ئي مداحن اداڪارا جي لاءِ صدقو ڏيڻ جو به چيو. هڪ مداح جو چوڻ هو ته هُو هر نماز کان پوءِ اداڪارا لاءِ دعا گھرندو.