احمدپور (ن پ ا) احمدپور لڳ ڳوٺ لعل جو لئو مان بيواهه عورت راڻي جوڳي ۽ سندس 7 ورهين جي پٽ ساحل جوڳي کي هٿيار بندن مبينا طور اغوا ڪري ويا آهن، ان حوالي سان عورت جي ڀاءُ انور جوڳي جي فرياد تي 5 جوابدارن خلاف احمدپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، فريادي انور علي جوڳي ٻڌايو ته ڀيڻ جو مڙس هڪ سال اڳ فوت ٿي ويو آهي ۽ ڀيڻ کي 6 ٻارن جو اولاد آهي، جيڪا اسان سان گڏ رهندي آهي، هن ٻڌايو ته 5 هٿياربند ڀيڻ کي پٽ ساحل جوڳي سميت گهر مان زبردستي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري فرار ٿي ويا آهن پر پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڀيڻ کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.