اجي ديوگن کي عاليشان گهر خريدڻ لاءِ 18 ڪروڙ قرض وٺڻو پئجي ويو

0
782

ڪراچي (م.ڊ) بالي ووڊ اداڪار اجي ديوگن کي نئين گهر خريد ڪرڻ لاءِ بينڪ کان 18 ڪروڙ رپيا قرض وٺڻو پئجي ويو. ميڊيا رپورٽن مطابق اجي تازو ئي ممبئي جي جوهو واري علائقي ۾ هڪ خوبصورت ۽ عاليشان بنگلو خريد ڪيو آهي 474 چورس فوٽن تي ٺهيل نئون گهر هن جي موجوده رهائشگاهه جي ويجهو آهي، جنهن جي قيمت ساڍا 47 ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق اجي ديوگن نئون گهر خريد ڪرڻ لاءِ 18 ڪروڙ رپين جو بينڪ کان قرض ورتو. ميڊيا رپورٽن مطابق اجي جو نئون گهر خريد ڪرڻ جو معاهدو گذريل سال نومبر ۽ ڊسمبر جي وچ ۾ ٿيو جڏهن ته جائداد هن سال جي مئي ۾ هندستاني اداڪار کي منتقل ڪئي وئي. اجي جي نئين گهر ۾ ، هن جا پاڙيسري هندستاني اداڪار اميتاڀ بچن، رتڪ روشن، ڌرمينڌر ۽ اڪشي ڪمار آهن.