دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ڀارت ۾ شيڊيول ون ڊي ورلڊ ڪپ جو آفيشل ترانو رليز ڪري ڇڏيو آهي.آءِ سي سي طرفان اربع ڏينهن ايندڙ مهيني ڀارت ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو آفيشل ترانو رليز ڪيو ويو آهي.آءِ سي جي يوٽيوب چئنل تي ورلڊ ڪپ 2023ع جو ترانو ” دل جشن بولي“ جي عنوان سان رليز ڪيو ويو آهي جنهن ۾ بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه پرفارم ڪيو آهي. ورلڊ ڪپ جو ترانو ون ڊي ايڪسپريس نالي هلندڙ ٽرين ۾ فلمايو ويو آهي، تراني جي موسيقي بالي ووڊ جي مشهور ميوزڪ ڊائريڪٽر پريم چڪرورتي جي ڪمپوزيشن ۾ تيار ڪئي وئي آهي. ورلڊ ڪپ تراني ۾ ٽورنامينٽ ۾ شامل ٽيمن جي جهنڊن کي ڏيکاريو ويو آهي. ٻئي پاسي اينٿم ۾ ٻن روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت جو مقابلو پڻ ڏيکاريو ويو آهي، ون ڊي ايڪسپريس نالي ٽرين ۾ هڪ پاسي روهت شرما ٻئي پاسي بابر اعظم جو تصويرون لڳل آهن. تراني لاءِ ٻول شلوڪي لعل ۽ سويري ورما لکيا آهن، جڏهن ته پريتم، ناقش عزيز، سريما چندرا، اميت مشرا، جونيٽا گانڌي، اڪاسا اورچرن پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو آهي، ٻئي پاسي پاڪستاني مداح  عالمي ڪپ جو ترانو ٻڌي مايوس ٿي ويا ۽ کين پاڪستان سپر ليگ جا آفيشل ترانا ڳائيندڙ علي ظفر جي ياد ستائڻ لڳي. محمد عبدالله نالي ايڪس واهپيدار ته علي ظفر کي عالمي ڪپ جو ترانو ڳائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي, هن لکيو ته اسان کي اوهان جي آواز ۾ ورلڊ ڪپ جو ترانو کپي، جنهن تي علي ظفر واهپيدار کي جواب به ڏنو. علي ظفر چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ سندس اسپانسر ڪرائڻ وارا برانڊز ان جا ذميوار آهن، انهن وٽ مارڪيٽنگ جا پيشيواراڻا ماڻهو آهن، جيڪي سندن رهنمائي ڪندا آهن، پر جيڪڏهن منهنجي ملڪ لاءِ منهنجي ضرورت آهي ته مان سدائين حاضر آهيان، پر منهنجا پنهنجا آئيڊياز آهن ۽ منهنجي ڪم ڪرڻ جو پنهنجو طريقو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪارپوريٽ ڪلچر جون پنهنجيون خوبيون ۽ خاميون آهن جنهن تي تبصرو نٿو ڪرڻ چاهيان پر مزو نه اچي ته مان حاضر آهيان. ان کانسواءِ هڪ صارف لکيو ته آءِ سي سي کي ورلڊ ڪپ ٿيم سانگ لاءِ علي ظفر جون خدمتون حاصل ڪرڻ گهرجن ها.