اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي، 4 جوان شهيد، 6 دهشتگرد به مارجي ويا

0
159
اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي، 4 جوان شهيد، 6 دهشتگرد به مارجي ويا
اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي، 4 جوان شهيد، 6 دهشتگرد به مارجي ويا

اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ جهڙپ دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ ۾ پاڪ فوج جا 4 جوان به شهيد ٿي ويا

آءِ ايس پي آر موجب ڏکڻ وزيرستان ۾ فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ 2 جھڙپون ٿيون، پهرين جھڙپ اتر وزيرستان جي علائقي غر يوم ۾ ٿي

سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، مقابلي دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هاءِ ويل ٽارگٽ حضرت زمان عرف خوار ملا به مارجي ويو

دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد ٿي ويا، شهيدن ۾ لانس نائيڪ تبسم الحق، سپاهي نعيم اختر ۽ سپاهي عبدالحميد شامل آهن

ٻيو مقابلو آسمان منزل واري علائقي ۾ ٿيو جتي دهشتگردن جي فائرنگ ۾ سپاهي فرمان علي شهيد ٿي ويو

آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري آهي