ابراهيم حيدري ۾ يوسي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

0
102
ابراهيم حيدري ۾ يوسي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج
ابراهيم حيدري ۾ يوسي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

ڪراچي: ملير جي علائقي ابراهيم حيدري ۾ يونين ڪائونسل جي ملازمن ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

ابراهيم حيدري يونين ڪائونسل آفيس ۾ ستار، جبار، راشد، علي محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن احتجاج ڪيو

ملازمن دانهيو ته گذريل ٽن مهينن کان پگهارون بند هُجڻ سبب فاڪه ڪشي تي مجبور آهيون، لاڳاپيل کاتي کي شڪايتون به ڪيون پر اڃا تائين پگهارن جو مسئلو حل ٿي نه سگهيو آهي

ملازمن مطالبو ڪيو ته رهيل ٽن مهينن جون پگهارون جاري ڪري سندن جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو