آمريڪا ۾ گرم هوا جو ڦوڪڻو تارن سان ٽڪرائجي ويو، 5 ڄڻا اجل جو شڪار

0
463

ميڪسيڪو (ڊيسڪ رپورٽ) آمريڪي رياست نيوز ميڪسيڪو ۾ گرم هوا جو ڦوڪڻو تيز هوائن سبب بجلي جي تارن سان ٽڪرائيجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا، امريڪي ميڊيا موجب گرم هوا جي ڦوڪڻي ۾ باهه لڳڻ ۽ بجلي جي تارن ٽڪرائڻ سبب شهري مارجي ويا، واقعي بعد علائقي ۾ بجلي جي فراهمي به معطل ٿي وئي ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد بحال ڪئي وئي، امريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته واقعي جي هر رخ کان جاچ جاري آهي، جاچ مڪمل ٿيڻ بعد حادثي جا اصل ڪارڻ سامهون اچي ويندا.