واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا حماس جي مالي مدد ڪندڙ ٻن شهرين کي ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. آمريڪا جي پرڏيهي وزير اينٽوني بلڪن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اسان اسرائيل سان گڏ آهيون ۽ حماس جي دهشتگرد حملن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته آمريڪا گروپ (حماس) جي ٻن اڳواڻن ۽ ٻين مالي مددگارن کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو آهي جن جي مدد سان حماس اسرائيل خلاف وحشي حملا ڪرڻ جي قابل بڻي.