آمريڪا جي ڇوڪر جو وات دنيا ۾ سڀ کان وڏو

0
719
آمريڪا جي ڇوڪر جو وات دنيا ۾ سڀ کان وڏو
آمريڪا جي ڇوڪر جو وات دنيا ۾ سڀ کان وڏو

واشنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي رياست مينيسوٽا جي هڪ ڇوڪر وڏو وات کولڻ جو عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو. گنيز ورلڊ رڪارڊ موجب اهو نوجوان جڏهن وات کولي ٿو ته ان جي وات جي هيٺين ۽ مٿين حصي جي وچ جي ماپ 4 انچ ٿئي ٿي. آئزڪ جانسن نالي ان نوجوان شروعاتي طور تي 2019ع ۾ ان وقت رڪارڊ قائم ڪيو هو جڏهن هن جي عمر رڳو 14 سال هئي ۽ هن وقت سندس وات کولڻ دوران ماپ 3.67 انچ هئي. ان حوالي سان جانسن جو چوڻ هو ته هن جو خيال آهي ته اهو وقت سان وڏو ٿي ويو ۽ آئون هاڻ وڌيڪ وڏو وات کولي سگھندس. جانسن ٻڌايو ته ايندڙ سال اٽلي ۾ ٿيندڙ گنيز ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هڪ ٽي وي شو ۾ دعوت ڏني وئي آهي.