واشنگٽن (م ڊ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي گهر تي ڇاپي دوران ” ٽاپ سيڪرٽ “ دستاويز ضبط ڪيا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ايف بي آءِ 11 ڳجها دستاويز پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا آهن، جڏهن ته عدالت ۾ جج وارنٽ سميت ٻيو مواد کوليو. ڪجهه دستاويزن تي ٽاپ سيڪرٽ لکيل آهي، جنهن جو مطلب آهي ته اهي رڳو خاص سرڪاري آفيسن ۾ هئڻ گهرجن ها. آمريڪي انصاف واري کاتي ٽرمپ جا اعتراض رد ڪندي عدالت کي سرچ وارنٽ ڏيکارڻ جو چيو هو. ايف بي آءِ جو چوڻ آهي ته ڇاپو حساس دستاويز غيرقانوني طور رکڻ بابت آمريڪي جاسوسي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جي شڪ ۾ هنيو ويو هو.ان معاملي تي اڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته کاٻي ڌر جا ڪجهه ڊيموڪريٽس قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ذريعي کيس نشانو بڻائي رهيا آهن.