آصف علي جي هٿ ۾ 4 ٽاڪا لڳڻ باوجود کيڏي پيو: ثقلين مشتاق

0
327

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ثقلين مشتاق ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ شڪست کانپوءِ مداحن جي تنقيد تي ردعمل ڏنو آهي. دبئي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ثقلين مشتاق ڪپتان بابت اعظم بابت چيو ته مان هن مان مطمئن آهيان، هن پنهنجي بالرن کي بهترين طريقي سان استعمال ڪيو

هن جي بدقسمتي آهي جو رنز نه پيو ڪري سگهي. هن چيو ته ٻاهر ويٺل ماڻهو ان ڳالهه جو اندازو نه ٿا ڪري سگهن ته ڊريسنگ روم يا رانديگرن جي دماغ ۾ ڇا هلي رهيو آهي، اهي صرف ميچ کانپوءِ اسڪور ڪارڊ هٿ ۾ پڪڙي تبصرو ڪرڻ شروع ٿي ويندا آهن

هن چيو ته آصف علي جي هٿ ۾ 4 ٽاڪا لڳل ان باوجود اهو کيڏي رهيو هو، شاداب بابت هيڊ ڪوچ انڪشاف ڪيو ته هن جي مٿي تي ڌڪ لڳڻ سبب فيلڊنگ دوران هن جي ڪن مان رت وهي رهيو هو پر پوءِ به اهو بيٽنگ ڪرڻ ويو، تنهن ڪري انهن ماڻهن کي رانديگرن جي صورتحال جو علم ناهي

هيڊ ڪوچ قومي ٽيم جي مڊل آرڊر تي تنقيد جي جواب ۾ چيو ته ماڻهو چون ٿا ته رانديگر تبديل ڪيو، هنن جي پوزيشن مٽايو، ايئن ڪرڻ سان اهو ظاهر ٿيندو ته شايد اسان کي پنهنجي رانديگرن تي ڀروسو ناهي