سڊني (انٽرسٽنگ نيوز) آسٽريلوي واپاري ۽ ميڊيا ٽائيڪون روپرٽ مرڊوڪ 93 ورهين جي ڄمار ۾ پنجين شادي ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب روپرٽ 67 ورهين جي اڳوڻي روسي حياتياتي ماهر ايلينا زوڪوو سان ڪيليفورنيا ۾ شادي ڪئي. رپورٽن موجب ايلينا جي اها ٻي شادي آهي، جڏهن ته روپرٽ جي ان سان ملاقات هڪ پارٽي ۾ ٿي هئي، جنهن جو اهتمام روپرٽ جي اڳوڻي گهرواري ڪيو هو. بزنس مين روپرٽ جا 6 ٻار آهن، جيڪي پهرين گهرواري پيٽريشيا بوڪر مان آهن. رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روپرٽ مرڊوڪ ان کان اڳ آسٽريلوي فلائٽ اٽينڊنٽ پيٽريشيا بوڪر، اسڪاٽس ڄائي صحافڻ اينا مان، چيني صنعتڪار ونڊي ڊينگ ۽ آمريڪي ماڊل ۽ اداڪارا جيري هال سان شادي ڪري چڪو آهي. واضح رهي ته آسٽريلوي ٽي وي چئنل فاڪس نيوز، برطانوي اخبار دي ٽائمز آف لنڊن ۽ آمريڪي رسالو دي وال اسٽريٽ جنرل روپرٽ مرڊوڪ جي ميڊيا امپائرز ۾ شامل آهن.