آسٽريلوي جهاز جا سمورا ٽڪيٽ اڍائي منٽن ۾ وڪرو

0
497

ڪينبرا(دلچسپ نيوز) آسٽريلوي جهاز جا سمورا ٽڪيٽ اڍائي منٽن ۾ وڪرو ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سموري دنيا ۾ اڏامن جي کوٽ ۽ ملتوي ٿيڻ هوائي سفر ڪندڙن لاءِ پريشاني جو سبب بڻيل آهي پر آسٽريلوي هوائي سروس سميت ڪيترين ئي ڪمپنين اهڙيون اڏامون شروع ڪيون آهن جيڪي ڪيڏانهن به نٿيون وڃن رڳو مسافرن کي هوا ۾ چڪر لڳرائي واپس لهي اچن ٿيون. ان حوالي سان قوانٽاس ڪمپني جو جهاز پڻ هلندڙ مهيني جي آخر 26 مئي تي اڏام ڀريندو، جهاز 40 هزار فوٽ جي اوچائي تي مسافرن کي کڻي ويندو، مسافرن کي چنڊ گرهڻ ۽ سپرمون جو نظارو ڪرايو ويندو، جهاز جي اڪانامي ڪلاس جي ٽڪيٽ 386 ڊالر رکي وئي آهي جڏهن ته بزنيس ڪلاس جي ٽڪيٽ 1160 ڊالر مقرر ڪئي وئي پر جهاز جا سمورا ٽڪيٽ اڍائي منٽن ۾ وڪرو ٿي ويا.