حويلي(م ڊ) مسلم ليگ نواز جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اليڪشن چوري ٿي ته نتيجا نه مڃينداسين ڪشميرين کي شاهراهه دستور تي پهچڻ جو سڏ ڏينداسين، پاڪستان ۾ جنهن جنهن کي غدار جو لقب ملي، اهو اوترو ئي وفادار آهي. حويلي جي چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري خرچ باوجود ناڪام جلسيون ڪرڻ تي اميدوار به چون ٿا ته عمران واپس پاڪستان وڃو، اسان جي تڪ ۾ نه اچجو، 4 ووٽ به نه ملندا. هن چيو ته عمران خان اسلام آباد مان اسمگل ڪري نئين اي ٽي ايم تنوير الياس کي آزاد ڪشمير ۾ کڻي آيو، سردار تنوير سرڪاري آفيسر کي هڪ ارب رپيا رشوت ڏني ته سوچيو عمران خان کي ڇا ڏنو هوندو؟ مريم نواز چيو ته افغان سفير جي ڌيءُ جو اغوا ۽ داسو واقعو وفاقي حڪومت جي ناڪامي آهي.هن چيو ته نواز شريف گڏيل قومن ۾ برهان واني جو ڪيس وڙهيو، نواز شريف آزاد ڪشمير جي ماڻهن جو ڪيس وڙهندو، اسان سليڪٽڊ وانگر ڪشمير کي مودي جي حوالي نه ڪنداسين.هن چيو ته نواز شريف ڪڏهن به اهو پِٽڻو ناهي پٽيو ته ان جو فون مودي اٽينڊ نه ڪيو، حق جي لاءِ سامهون اچي مقابلو ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ۾ جنهن کي غدار جو لقب ڏنو ويو، اصل ۾ اهو ئي وفادار آهي. نواز شريف دشمنن جي پنج ڌماڪن جي نتيجي ۾ ڇهه ڌماڪا ڪيا، ڀارت ٻڌي ڇڏي ته اسان ڪشمير جي آزادي وٺي رهنداسين. سندس چوڻ هو ته سرڪار جو خزانو خالي ڪرڻ باوجود باغ ۾ عمران خان جي جلسي ۾ ڪير به نه ويو، باغ وارن عمران خان جي جلسي ۾ نه وڃي ان کي رد ڪري ڇڏيو، نواز شريف پنهنجي ماڻهن کي ٽڪيٽ ڏيندو آهي وڪڻندو ناهي، جنهن جنهن رشوت ڏني، اڄ اهو عمران خان سان گڏ ويٺل آهي. باغ ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوار تنوير الياس 2016 ۾ نواز شريف کان 50 ڪروڙ رپيا فنڊ ڏيڻ جي عيوض ٽڪيٽ گهري هئي، باغ ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوار هڪڙي آفيسر کي هڪ ارب رپيا رشوت ڏني، مون کي خوشي ٿي رهي آهي ته مان ڪنهن اي ٽي ايم وٽ ناهيان. مريم نواز چيو ته آزاد ڪشمير ۾ ووٽ چورائي هٿ ٺوڪي حڪومت آڻڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي، عمران خان پنهنجي مرضي جو وزيراعظم آڻي ڪشمير کي پاڪستان جو صوبو بڻائڻ چاهي ٿو، جعلي ليڊر، جعلي ووٽ، جعلي منصوبا ۽ جعلي دعويٰ ڪرڻ وارا ياد رکن ته آزاد ڪشمير ۾ ڪا به دعويٰ نه هلندي، عمران خان جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي اها آهي ته چين سي پيڪ تي ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي، نواز شريف جي دور ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ وارو چين اڄ جاچ ٽيمون موڪلي رهيو آهي.