لاهور(اسپورٽس نيوز)آرٿر، بريڊ برن ۽ پٽڪ لاهور جي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ به ذميوارين تان هٿ کڻي ويا مڪي آرٿر، گرانٽ بريڊ برن ۽ اينڊريو پٽڪ پنهنجي پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، ٽنهي ڄڻن نومبر 2023 پنهنجي رول ۾ تبديلي کانپوءِ لاهور جي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي  ذميواريون نڀائي رهيا هئا. اپريل 2023 ۾ مڪي آرٿر کي پاڪستان مينز ڪرڪيٽ ٽيم جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته گرانٽ بريڊ برن کي گذريل سال جي شروع ۾ پاڪستان جي قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جي طور مقرر ڪيو ويو هو.  ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي ڪرڪيٽر اينڊريو پٽڪ اپريل 2023 کان پاڪستان جو بيٽنگ ڪوچ هو. اڳوڻن پرڏيهي ڪرڪيٽرن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي جنوري 2024 جي آخر تائين پنهنجون ذميواريون ڇڏڻ واري فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو