ڪراچي (م ڊ) آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جو سربراهه رهندڙ ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير پاڪ فوج جي سينارٽي ۾ پهرين نمبر تي آهي، جنرل عاصم منير هن وقت جي ايچ ڪيو ۾ ڪوارٽر ماسٽر جنرل مقرر آهي، جڏهن ته جنرل ساحر شمشاد مرزا سينارٽي ۾ ٻئي ۽ اظهر عباس ٽئين نمبر تي آهن، اين ڊي يو جو صدر نعمان محمود سينارٽي ۾ چوٿين نمبر تي شمار ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته عمران خان جي حڪومت ۾ آءِ ايس آءِ چيف رهندڙ جنرل فيض حميد سينارٽي ۾ پنجين نمبر تي آهي، جيڪو هن وقت بهاولپور ڪور سنڀالي رهيو آهي، جڏهن ته سينارٽي ۾ ڇهين نمبر تي آيل محمد عامر اڳوڻي صدر آصف زرداري جو ملٽري سيڪريٽري رهي چڪو آهي، جنرل محمد عامر هن وقت گجرانوالا ڪور جي ڪمانڊ سنڀالي رهيو آهي.