اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو مامرن جي اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته بي اختيار ۽ فارغ وزيراعظم ايمرجنسي ۾ به 4 ڏينهن کان لنڊن ۾ ويٺو آهي، آرمي چيف جي مقرري بابت لنڊن ۾ استخارو ڪڍرايو پيو وڃي، ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته بزدل ۽ روپوش نواز شريف پاسپورٽ ملڻ ۽ ڀاءُ جي وزيراعظم ٿيڻ باوجود به ڪلين چٽ ملڻ جو منتظر آهي، پي ڊي ايم ڪٽيل لغڙ آهي، 20 ڏينهن ٽي وي تي نه ٽوئيٽر تي نظر ايندس.