آدمشماري تي خدشا ختم نه ٿيا ته سي سي آءِ ۾ ووٽ ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندس: مراد شاهه

0
335
ڪچي ۾ پنجاب پوليس جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ اسان ڀرپور سهڪار ڪيو: وڏو وزير
ڪچي ۾ پنجاب پوليس جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ اسان ڀرپور سهڪار ڪيو: وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته آدمشماري بابت سنڌ جا خدشا ختم نه ڪيا ويا ته سي سي آءِ ۾ ووٽ ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندس

ڪراچي جي صحافين سان فون تي غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي وڏي وزير چيو ته آدمشماري بابت سنڌ جا خدشا پهرين ڏينهن کان موجود آهن

هن چيو ته آدمشماري جو معاملو اڃا تائين سي سي آءِ ۾ نه آيو آهي، وفاق کي سنڌ جي خدشن کان آگاهه ڪيو اٿئون

مراد علي شاهه چيو ته پيپلزپارٽي تڪ بندين يا ٻئي ڪنهن به سبب جي ڪري اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي حامي نه آهي

وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن چيو هو ته عام چونڊون نئين آدمشماري تحت ڪرايون وينديون

ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن وٽ نئين آدمشماري تحت نيون تڪبنديون ڪرائڻ جو وقت نه آهي، نئين آدمشماري تي سنڌ جو وڏو وزير، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي اعتراض واري چڪا آهن

ذريعن موجب نئين آدمشماري ۽ تڪبندين واري تڪرار سبب اليڪشن ليٽ ٿيڻ جو خدشو وڌي رهيو آهي