آءِ سي سي ٽي وئنٽي ورلڊڪپ جي پهرين سپر اوور ۾ نميبيا عمان کي 11 رنس تان شڪست ڏئي ڇڏي

0
33
آءِ سي سي ٽي وئنٽي ورلڊڪپ جي پهرين سپر اوور ۾ نميبيا عمان کي 11 رنس تان شڪست ڏئي ڇڏي
آءِ سي سي ٽي وئنٽي ورلڊڪپ جي پهرين سپر اوور ۾ نميبيا عمان کي 11 رنس تان شڪست ڏئي ڇڏي

 ورلڊڪپ جي ٽئين ميچ عمان ۽ نميبيا وچ ۾ کيڏي وئي، عمان پهرين بيٽنگ ڪندي 109 رنس ٺاهيون، نميبا جي ٽيم به مقرر 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽس جي نقصان تي 109 رنس ٺاهي سگهي

 ميچ برابر ٿيڻ بعد فيصلو سپر اوور ۾ ٿيو، نميبا سپر اوور ۾ 21 رنس ٺاهيون، عمان جي ٽيم 10 رنس ٺاهي سگهي، ٻي ميچ ۾ ميزبان ويسٽ انڊيز پاپوا نيو گِني کي 5 وڪيٽس تان شڪست ڏئي ڇڏي

 پاپوا نيو گِني پهريان بيٽنگ ڪندي 8 وڪيٽس جي نقصان تي 136 رنس ٺاهيون، ويسٽ انڊيز 19هين اوور ۾ 5 وڪيٽس جي نقصان تي هدف پورو ڪري ڪاميابي ماڻي، اڄ ڏکڻ آفريڪا ۽ سريلنڪا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ 6 جون تي ميزبان امريڪا خلاف کيڏندو