دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) پاران ون ڊي رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ بابراعظم جو پهرين نمبر تي قبضو برقرار آهي. آءِ سي سي طرفان جاري ٿيندڙ ٽاپ 20 رينڪنگ ۾ بابراعظم سميت 3 پاڪستاني رانديگر شامل آهن جن ۾ فخر زمان نائين ۽ امام الحق 13 هين نمبر تي آهن. گڏيل رينڪنگ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ويرات ڪوهلي ٻئي، روهٽ شرما ٽئين، ڊي ڪوڪ چوٿين ۽ ايرون فنچ پنجين نمبر تي موجود آهن.