فواد چوڌري ٽاپ 10 وزيرن ۾ شامل نه ٿيڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

0
201
پاڪستان جو مستقبل عدليه

ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان پنهنجي 10 بهترين وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن کي اعزازي سرٽيفڪيٽ ڏنا، جنهن ۾ سڌ سماءَ وارو وزير فواد چوڌري جاءِ نه ٺاهي سگهيو

سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ وزيرن کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن وزيرن ۾ پنهنجو نالو نه هجڻ جو سبب به ٻڌايو

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته هن ڀيري اسان ان ڪري جڳهه نه ٺاهي سگهياسين جو ڪارڪردگي انهن منصوبن تي عملدرآماد سان ڏٺو ويندو آهي جيڪا وزارت وزيراعظم آفيس کي ڏيندي آهي

هن چيو ته مان ڪجهه منصوبن ۾ مٽا سٽا ڪئي آهي جيڪا منهنجي خيال ۾ ايندڙ ڀيري وڌيڪ ڪارآمد ثابت ٿيندا، ايندڙ ڀيري انشاءَ الله