آءِ ايم ايف سان معاهدي کان پوءِ ڊالر کي بريڪ، 13 رپيا سستو ٿي ويو

0
322
آءِ ايم ايف سان معاهدي کان پوءِ ڊالر کي بريڪ، 13 رپيا سستو ٿي ويو
آءِ ايم ايف سان معاهدي کان پوءِ ڊالر کي بريڪ، 13 رپيا سستو ٿي ويو

آءِ ايم ايف سان معاهدي کان پوءِ ڊالر کي بريڪ، 13 رپيا سستو ٿي ويو، اڄ ڪاروبار شروع ٿيندي ئي انٽر بئنڪ ۾ رپئي آڏو ڊالر هيٺ اچي ڪري پيو

ڪاروبار شروع ٿيندي ئي ڊالر جي قيمت ۾ 7 رپيا 71 پئسا  لاٿ آئي، جنهن کان پوءِ ڊالر 277 رپيا  78 پئسا ٿي ويو،  ڪاروبار دوان ڊالر  جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گهٽتائي آئي ۽ ڊالر مجموعي  طور تي 13 رپيا هڪ پئسو سستو ٿي 274 رپيا 98 پئسن جو ٿي ويو

اسٽيٽ بئنڪ موجب 27 جون تي ختم ٿيل ڪاروباري هفتي ۾ ڊالر 285 رپا 99 پئسن تي بند ٿيو هو، گذريل ڏينهن به اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي ڏٺي وئي ۽ هنڊريڊ انڊيڪس 2246  پوانئٽس رڪارڊ اضافي سان 43 هزار 899 تي بند ٿيو

 گذريل ڏينهن اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي ملهه ۾ گهٽتائي ۽ ڊالر 5 رپين تائين سستو ٿيو۽ ڊالر 285 رپين جو ٿي ويو هو

هي به پڙهندا

ڊالر سستو: سون جي اگهه ۾ اوچتو 8 هزار روپين جي رڪارڊ لاٿ