ڪراچي (م ڊ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان آءِ ايم ايف جي مطالبي تي امپورٽ تي ڊالر جي ڪيش مارجن جو شرط 31 مارچ 2023 کان ختم ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ سرڪلر جاري ڪيو آهي. امپورٽ کي محدود ڪرڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ لگزري ۽ غيرضروري شين لاءِ ڪيش مارجن جو شرط لاڳو ڪيو هو، حڪومت امپورٽ کي محدود ڪرڻ لاءِ اها پابندي آگسٽ 2022 ۾ لاڳو ڪئي هئي.