خيرپور (ن پ ا) خيرپور شهر جي مصطفيٰ ڪالوني ۾ اڳوڻي مڙس 5 ٻارن جي ماءُ کي مبينا فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس چيو آهي ته جوابدار مشتاق مهر طلاق وٺي ٻي شادي ڪندڙ پنهنجي اڳوڻي گهر واري مسمات صنم مهر کي قتل ڪري فرار ٿي ويو
پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولا عورت مسمات صنم مهر مشتاق مهر کان طلاق وٺي امتياز نالي هڪ شخص سان شادي ڪئي هئي، مقتولا عورت جو لاش ضروري ڪاروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي