ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملير ۾ حد دخليون ھٽائڻ جي آڙ ۾ پوليس پاران غيرقانوني طريقي سان واپارين جو سامان کڻڻ جي ويڊيو وائرل ٿي وئي
ملير جي علائقي گلشن حديد ۾ ملير پوليس پاران حددخلين خلاف آپريشن جو ڊرامو رچايو ويو، ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون جي موجودگي ۾ پوليس موبائلن تي اهلڪار دڪانن تان سامان ڍوئڻ ۾ مصروف ٿي ويا
ڪجهه ڏينھن پھريان حد دخلين خلاف گلشن حديد جي علائقي ۾ آپريشن ڪيو ويو هو، جنھن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو واپارين جو سامان پوليس اھلڪار پوليس موبائلن ۾ ڍوئڻ ۾ مصروف آھي
اسٽيل ٽائون ٿاڻي جا پوليس اھلڪار پوليس موبائيل ۾ ايس ايچ او جي موجودگي ۾ ڪپڙن جي دڪان تان مورتيون کڻي موبائيل ۾ وجھي رھيا آھن