چوھڙجمالي(ن پ ا) چوھڙجمالي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران شاهه بندر تعلقي ۾ روينيو رڪارڊ ۾ ھيراڦيري ۽ جعلي داخلائون ڪينسل ڪرڻ سميت منشيات ۽ بدامني خلاف ضلعي اڳواڻ عبدالواحد خاصخيلي،رزاق، جمن سنڌي ۽ ڪاڪا اشفاق ميمڻ جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي سموري تعلقي ۾ منشيات جو ڪاروبار عروج تي پھچي ويو آهي، پر پوليس جي ڪن تي جون به نٿي سري ۽ ڦر چورين جو وارداتون عام ٿي ويون آهن بدامني چوٽ چڙھيل آهي. ھنن چيو ته شاهه بندر جي روينيو رڪارڊ ۾ وڏي پئماني تي ھيراڦيري ڪئي وئي آهي، جعلي داخلائون ڪينسل ڪيون وڃن نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.