ورڪشاپ ڀرسان فصل جي ڀيل تان وڏيري اٺ جي ڄنگهه ڪٽي ڇڏي، جانور جي اکين ۾ لڙڪ، رڙيون

0
20

ورڪشاپ (رپورٽ: غلام قادر شر) ورڪشاپ ڀرسان فصل جي ڀيل تان جوابدار اٺ جي ڄنگهه وڍي ڇڏي، اٺ اکين مان لڙڪ لاڙيندو رهيو، سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل، پوليس الزام هيٺ آيل وڏيري کي گرفتار نه ڪري سگهي

خبر موجب ڳوٺ نندو خان شر ۾ وحشي جوابدار فصل جي ڀيل تان اٺ جي ڄنگهه وڍي ڇڏي، اٺ جو مالڪ ڀاڳيو سومر بھڻ اٺ جي وڍيل ڄنگهه کڻي پريس ڪلب ورڪشاپ پهتو، جتي هن ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس اٺ جھنگ ۾ چرندو ھو

ڪالهه صبح جو جيئن ئي اٺ جي سار سنڀال لڌي ته هو نه مليو، بعد ۾ ڳولا بعد اٺ مقامي وڏيري غلام رسول شر جي زمين ۾ پيل مليو، جتي سندس هڪ ڄنگهه ڪٽيل هئي، اٺ جي وڍيل ڄنگھه جو رت ان زمين تي موجود ھو

هن چيو ته آئون مسڪين مالوند ماڻهو آھيان، منهنجي ڪنهن سان ڪا ذاتي دشمني ناھي، خبر ناھي ڪنهن ظالم بي زبان اُٺ سان اھڙو ظلم ڇو ڪيو

هن ٻڌايو ته مان اھڙي شڪايت کڻي منڍ جمڙائو ٿاڻي تي ويس جتي پوليس مون کي کڻي منگلي ٿاڻي تي آڻي اڇي پني تي صحيون وٺي واپس روانو ڪري ڇڏيو

آئون اڻ پڙھيل آهيان، خبر ناھي پني تي ڇا لکيل ھو، مون کان صرف آڱوٺي جا نشان ورتا ويا، هن مطالبو ڪيو ته اٺ جو پير ڪٽيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

سوشل ميڊيا تي زمين مالڪ پ پ اڳواڻ تي سخت تنقيد

ورڪشاپ: سوشل ميڊيا تي زمين مالڪ پ پ اڳواڻ ۽ مقامي وڏيري غلام رسول شر تي ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي، سوشل ميڊيا صارفين پنهنجي پوسٽن ۾ لکيو آهي ته واقعي ۾ مقامي وڏيرو ملوث آهي، جنهن جي چرچ تي بي زبان جانور اُٺ جو پير وڍيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

علائقي ۾ ڪجهه سال اڳ ڳئون جي ڄنگهه به وڍي وئي هئي

ورڪشاپ: ڪجھه سال اڳ گوجي موڙ اسٽاپ لڳ فصل جي ڀيل تان ڳئون جي ڄنگھه پڻ وڍي وئي ھئي، جيڪو مامرو ميڊيا تي اچڻ بعد پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ھو، جيڪو بعد ۾ راڄوڻي بعد مامرو حل ٿيو ھو.

اٺ جي ڄنگهه ناهي ڪٽي، اجايا الزام هنيا پيا وڃن: مقامي وڏيرو

ورڪشاپ: مقامي وڏيري غلام رسول شر  پاڻ مٿان لڳل سمورا الزام رد ڪندي چيو آهي ته زمين منهنجي آھي  پر اٺ ڪافي پري زخمي حالت ۾ مليو، هن چيو ته مون پنهنجي زرعي زمين 3 سالن لاءِ نوابشاهه واسي جعفر پنجابي کي ڏئي ڇڏي آھي، آئون خود چاھيان ٿو ته بي زبان اٺ سان  ناحق ٿيل آھي، ان جو آزالو ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته پوليس کي گهرجي ته مامري جي شفاف جاچ ڪري حقيقي جوابدارن کي گرفتار ڪري، هن چيو ته ڪجھه ماڻهو ھٿ وٺي سياسي دشمني طور منهنجي ساک خراب ڪري رھيا آھن، منهنجو ان واقعي سان ڪو به تعلق ناھي

الزام ھيٺ آيل جو تعلق حڪمران جماعت سان ھجڻ ڪري ڪيس نامعلوم خلاف داخل ٿيو: چوٻول

ورڪشاپ: علائقي ۾ اھي پڻ چوٻول آھن الزام ھيٺ آيل وڏيري جو تعلق حڪمران جماعت سان ھجڻ ڪري ايس  ايس پي سانگهڙ مامري جو ڪيس سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.