اسان آءِ ايم ايف جي چوڻ تي آمريڪا کان ميچ هارائي: وڏي وزير جو دلچسپ تصبرو

0
40

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب دوران ورلڊ ڪپ ۾ آمريڪا پاران پاڪستان کي شڪست تي دلچسپ تبصرو ڪيو آهي

هن جو چوڻ هو ته  اسان آءِ ايم ايف جي چوڻ تي آمريڪا کان ميچ هارائي، آءِ ايم ايف چيو ته ميچ نه هارائيندا ته توهان کي قرض نه ڏينداسين

 وڏي وزير جي دلچسپ تبصري تي تقريب ۾ ٽهڪڙا پئجي ويا، ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کي شڪست ڏيڻ واري وڏي وزير جي خواهش ۽ دعا پوري نه ٿي سگهي

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته قومي ٽيم ورلڊ ڪپ نه کٽي سگهي ته کين ٿوري تربيت ڏينداسين