اسلام آباد: وفاقي وزير جو چوڻ هو ته  حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي مالياتي خساري کي گهٽ ڪرڻ جي حڪمت عملي جو ٻيون اهم ٿنڀ آهي، اسان غير ضروري خرچن کي گهٽ ڪري رهيا آهيون، حڪومت پينشن نظام ۾ سڌارا آڻي رهي آهي جنهن جا تفصيل پيش ڪري چڪو آهيان

محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته بي پي ايس هڪ کان 16 جون سموريون خالي آساميون ختم ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، جنهن سان 45 ارب رپيا سالياني بچت ٿيڻ جو امڪان آهي

ترقياتي بجيٽ 1400 ارب: هيڪ لاءِ 66 ارب مختص: غربت خاتمي واري وزارت لاءِ ٽڪو به نه !

اسلام آباد: ايندڙ مالي سال لاءِ سول ايوي ايشن جي ترقياتي منصوبن لاءِ 7 ارب 30 ڪروڙ 29 لک، سيڙپڪاري بورڊ جي منصوبن لاءِ هڪ ارب 65 ڪروڙ 80 لک، ڪابينا ڊويزن جي ترقياتي منصوبن لاءِ 75 ارب 77 ڪروڙ 20 لک، موسمي تبديلي واري وزارت جي منصوبن لاءِ 6 ارب 25 ڪروڙ 69 لک، واپار وزارت لاءِ 2 ارب 20 ڪروڙ 22 لک، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کان سواءِ مواصلات وزارت لاءِ 72 ڪروڙ 80 جي ترقياتي منصوبن لاءِ بجيٽ رکي وئي آهي.  دفاع وزارت جي ترقياتي ڪمن لاءِ 5 ارب 63 ڪروڙ 60،  دفاعي پيدوار وزات جي ترقياتي ڪمن لاءِ 3 ارب 77 ڪروڙ 60 لک، وفاقي تعليم وزارت جي منصوبن لاءِ 92 ڪروڙ 10 لک، ناڻي وزارت جي منصوبن لاءِ 25 ارب 75 ڪروڙ 10 لک رکيا ويا آهن

صوبن ۽ خصوصي علائقن جي منصوبن لاءِ 226 ارب 91 ڪروڙ 60 لک رکيا آهن، صوبائي منصوبن لاءِ 82 ارب، 41 ڪروڙ 60 لک، فاٽا جي ڪي پي ڪي ۾ ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ 70 ارب، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان شامل آهن لاءِ 74 ارب 50 ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن، هاير ايجوڪيشن جي منصوبن لاءِ 66 ارب 31 ڪروڙ 50 لک، هائوسنگ وزارت جي منصوبن لاءِ 27 ارب 68 ڪروڙ 80 لک، انساني حقن واري وزارت جي منصوبن لاءِ 10 ڪروڙ 40 لک، صنعت پيدوار منصوبن لاءِ 4 ارب 91 ڪروڙ 87 لک، سڌ سماءِ وزارت جي منصوبن لاءِ 6 ارب 55 ڪروڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي وزات جي منصوبن لاءِ 28 ارب 92 ڪروڙ 90 لک، بين الصوبائي وزارت جي منصوبن لاءِ 3 ارب 65 ڪروڙ، گهرو وزارت جي منصوبن لاءِ 9 ارب 7 ڪروڙ، قانون وزارت جي منصوبن لاءِ هڪ ارب 23 ڪروڙ، جهاز راني وزارت جي منصوبن لاءِ 5 ارب 30 ڪروڙ، نارڪوٽيڪس ڪنٽرول وزارت جي ترقياتي ڪمن لاءِ 16 ڪروڙ 95 لک، فوڊ سيڪيورٽي وزارت جي منصوبن لاءِ 41 ارب 25 ڪروڙ، صحت وزارت جي منصوبن لاءِ 27 ارب، قومي ورثي واري وزارت جي منصوبن لاءِ هڪ ارب هڪ ڪروڙ 50 لک، اٽامڪ اينرجي ڪميشن جي منصوبن لاءِ 25 ارب، پاڪستان نيوڪليئر ريگوليٽري اٿارٽي جي منصوبن لاءِ 25 ڪروڙ 63 لک، پيٽروليم وزارت جي مصنوبن لاءِ 3 ارب 22 ڪروڙ 57 لک، رٿابندي وزارت جي منصوبن لاءِ 59 ارب 11 ڪروڙ 45 لک، جڏهن ته غربت جي خاتمي واري ڊويزن جي منصوبي لاءِ هڪ رپئي جي به ترقياتي بجيٽ نه رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

ريلوي وزارت جي منصوبن لاءِ 45 ارب، مذهبي وزارت جي منصوبن لاءِ 50 ڪروڙ، روينيو ڊويزن جي منصوبن لاءِ 17 ارب 59 ڪروڙ 60 لک، سائنس ٽيڪنلاجي جي منصوبن لاءِ 7 ارب 14 ڪروڙ 95 لک، سيفران وزارت جي منصوبن لاءِ هڪ ارب 43 ڪروڙ 40 لک، اسٽيٽسڪ پلان ڊويزن جي منصوبن لاءِ 98 ڪروڙ 70 لک، سپارڪو جي منصوبن لاءِ 35 ارب 61 ڪروڙ 70 لک، پاڻي وزارت جي منصوبن لاءِ 259 ارب 59 ڪروڙ 81 لک، بجلي وزارت جي منصوبن لاءِ 175 ارب 93 ڪروڙ 99 لک، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي منصوبن لاءِ 180 ارب 28 ڪروڙ 40 لک جي ترقياتي بجيٽ رکي وئي آهي. اهڙي ريت ڪل 1400 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ رکي وئي آهي. جن ۾ 100 ارب رپين جا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت ڌار منصوبا شامل ڪيا ويا آهن جن کي ملائي وفاقي ترقياتي بجيٽ 1500 ارب رپين جي ٿي وڃي ٿي. جڏهن ته صوبائي ترقياتي بجيٽ مجموعي طور تي 2095 ارب آهي. ائين وفاقي ۽ صوبائي ترقياتي بجيٽ 3792 ارب رپيا ٿئي ٿي.