واپاري جي گهر ۾ ڌاڙو ڪيس: ڊي ايس پي عمير باجاري ۽ ٻيا بري ٿي ويا

0
34
واپاري جي گهر ۾ ڌاڙو ڪيس: ڊي ايس پي عمير باجاري ۽ ٻيا بري ٿي ويا
واپاري جي گهر ۾ ڌاڙو ڪيس: ڊي ايس پي عمير باجاري ۽ ٻيا بري ٿي ويا

ڪراچي جي عدالت واپاري جي گهر ۾ ڌاڙو هڻڻ جي الزام هيٺ معطل ڪيل ڊي ايس پي عمير باجاري ۽ ٻين کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو

عدالت فريادي پاران موقف تبديل ڪرڻ سبب ڊي ايس پي عمير طارق باجاري، ايس ايس پي عمران قريشي ۽ ٻين کي به ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو

ڪيس جي فريادي پنهنجو بيان تبديل ڪندي موقف اختيار ڪيو ته پوليس وارن منهنجي مٿان دٻاءُ وجهي بيان ورتو هو

 ڊي آءِ جي ويسٽ عاصم قائمخاني پنهنجي رپورٽ ۾ ڊي ايس پي عمير باجاري ۽ ٻين کي ڌاڙي ۾ ملوث قرار ڏنو هو

 وڪيل عامر منصوب قريشي دليل ڏيندي چيو ته پراسيڪيوشن ڪنهن به جوابدار خلاف ثبوت پيش نه ڪري سگهي، فريادي لکت ۾ ڪيس نه هلائڻ جي استدعا ڪري چڪا آهن

عدالت ڪيس ۾ نامزد سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو، ڊي ايس پي عمير طارق باجاري، ايس ايس پي عمران قريشي ۽ ٻين تي واپاري شاڪر جي گهر ۾ ڏيڍ ڪروڙ جو ڌاڙو هڻڻ جي الزام هيٺ پير آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو