ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ جو شوق: 2 ڀينرون روهڙي ڪينال ۾ ٻڏي ويون، هڪ فوت

0
62
ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ جو شوق: 2 ڀينرون روهڙي ڪينال ۾ ٻڏي ويون، هڪ فوت
ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ جو شوق: 2 ڀينرون روهڙي ڪينال ۾ ٻڏي ويون، هڪ فوت

ڪنڊيارو (رپورٽ: وحيد ميمڻ) ڪنڊيارو ۾ ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ دوران 2 ڀينرون روهڙي ڪينال ۾ ٻڏي ويون، هڪ کي بچايو ويو، ٻئي ٻڏي فوت، 3 ڪلاڪن جي ڳولا بعد لاش هٿ

گهر ۾ ڪهرام، خبر موجب شھر جي شاهه لطيف ڪالوني واسي اڪرام قريشي جون ٻه نياڻيون 18 سالن جي رابعا ۽ 13 سالن جي عائشا ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ دوران روهڙي ڪينال جي ڪپ تي بيٺيون ته پير ترڪڻ سبب روهڙي ڪئنال ۾ ڪري پيون، جنهن دوران موقعي تي موجود ماڻهن ۽ مقامي ٽوٻن پهچي نينگري عائشا قريشي کي بچائي ورتو

جڏھن ته ناري رابعا قريشي ٻڏي فڏي فوت ٿي وئي، جنهن جو لاش 3 ڪلاڪن جي ڳولا بعد هٿ ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي نياڻيون روهڙي ڪينال وٽ ٽاڪ ٺاهڻ لاءِ بيٺيون ته پير ترڪڻ سبب ڪينال ۾ ٻڏي ويون

ناري جو لاش تعلقه اسپتال ڪنڊيارو آندو ويو، جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ناري جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو