مون سميت سنڌ جي ججن تي ڪنهن به دٻاءُ نه وڌو آهي: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس عقيل احمد عباسي

0
29
مون سميت سنڌ جي ججن تي ڪنهن به دٻاءُ نه وڌو آهي: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس عقيل احمد عباسي
مون سميت سنڌ جي ججن تي ڪنهن به دٻاءُ نه وڌو آهي: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس عقيل احمد عباسي

مون سميت سنڌ جي ججن تي ڪنهن به دٻاءُ نه وڌو آهي، منهنجا ساٿي جج دٻاءُ قبول ڪرڻ وارا به نه آهن، جج بي ايمان، بدعنوان يا بزدل ٿي نه ٿو سگهي

عدليه جي آزادي ان جي فيصلن مان ظاهر ٿيندي آهي، خدا جو شڪر آهي ته اسان تي ڪو دٻاءُ نه آهي: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس عقيل احمد عباسي جون سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تقريب دوران ڳالهيون

چيف جسٽس عقيل احمد عباسي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ روينيو ريڪارڊ جي آن لائين ويريفڪيشن ڪرڻ واري برانچ جو افتتاح ڪيو

تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته سنڌ جي عدليه ۾ ڪنهن اداري جي مداخلت جي شڪايت نه آهي، ماتحت عدالتن ۾ به اهڙو ڪو واقعو پيش نه آيو آهي

غلط فهمي جي بنياد تي هڪ اڌ واقعا پيش آيا جن کي ٿڏي تي نبيريو ويو، ڪڏهن به ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ اسان جي مٿان ڪو دٻاءُ نه آيو آهي، ماتحت عدالتن جا جج ڪيترين ئي سهولتن کان محروم آهن، ججن کي سخت گرمي ۾ بنا سهولتن جي ڪم ڪرڻو پوي ٿو