سنڌ ۾ 42 هزار اهلڪارن جي کوٽ آهي: ضياء لنجار

0
29

ڪراچي: صوبائي گهرو وزير ضياء لنجار چيو آهي ته سنڌ پوليس ۾ ڀرتين جي ضرورت آهي، سنڌ پوليس ۾ 42هزار اهلڪارن جي کوٽ آهي، ڪوشش آهي ته ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون

گهرو وزير ضياءُ لنجارسنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ افغاني، برمي ۽ ٻيا پرڏيهي رهن ٿا انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو آهي، سنڌ صوبي ۾ ٽن مهينن دوران امن  امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي

هن چيو ته سنڌ اندر رهندڙ افغانين ۽ برمين کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، پوليو، روينيو، اسڪائوٽ ۽ ججن جي ڊيوٽي تي به پوليس مقرر ڪئي وڃي ٿي

ضياء لنجار چيو ته سنڌ ۾ 42 هزار اهلڪارن جي کوٽ آهي، ڪوشش آهي ته ميرٽ جي بنياد تي ڀرتيون ڪيون وڃن

گذريل ٽن مهينن ۾ صوبي اندر امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، سي پيڪ لاءِ نئون ڊي آءِ جي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو اهلڪارن جون مقرريون ڪندو