سنڌ جي مختلف علائقن مان چئن ڄڻن جا لاش هٿ

0
31
سنڌ جي مختلف علائقن مان چئن ڄڻن جا لاش هٿ
سنڌ جي مختلف علائقن مان چئن ڄڻن جا لاش هٿ

سنڌ جي مختلف علائقن مان چئن ڄڻن جا لاش هٿ، ٽن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي

 تلهار ويجهو اڪرم واهه جي سيفل موري وٽان اڻڄاتل شخص جو ڳريل حالت ۾ لاش هٿ، پوليس موجب سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب لاش ايڌي سردخاني ۾ رکيو ويو آهي

 ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان ڳوٺ الهه بچايو لاشاري مان ڳوٺاڻي الهبچايو لاشاري جو اوطاق وٽان لاش هٿ

 لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، وارثن موجب الهه بچايو گذريل رات کان گم هو، صبح جو تشدد ٿيل لاش مليو

 مانجهند ويجهو لاکڙا ڪول مائنر مان اڻڄاتل شخص جو تشدد ٿيل لاش هٿ، حبيب الله ڪول ڪمپني جي ريسٽ هائوس ڀرسان ڪمري مان لاش هٿ آيو، اسپتال منتقل ڪيو ويو

 پوليس موجب لاش ڪيترائي ڏينهن پراڻو لڳي رهيو آهي، جانورن جي کائڻ جا پڻ نشان آهن

 ڪنڊياري ۾ ريلوي لائين واري علائقي ۾ اڻڄاتل نوجوان جو بجليءَ جي 11 هزار وولٽيج وارين تارن ۾ ٽنگيل لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿيڻ تي تعلقي اسپتال جي سردخاني منتقل ڪيو ويو