ڪامورن جي اٿل پٿل: ناڻي، تعليم، روينيو سميت7سيڪريٽري، اينٽي ڪرپشن چيئرمين ۽ ڪمشنر حيدرآباد تبديل

0
46
ڪامورن جي اٿل پٿل: ناڻي، تعليم، روينيو سميت7سيڪريٽري، اينٽي ڪرپشن چيئرمين ۽ ڪمشنر حيدرآباد تبديل
ڪامورن جي اٿل پٿل: ناڻي، تعليم، روينيو سميت7سيڪريٽري، اينٽي ڪرپشن چيئرمين ۽ ڪمشنر حيدرآباد تبديل

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) پ پ حڪومت اچڻ کانپوءِ ڪامورن جي پهرين وڏي اٿل پٿل، ناڻي، تعليم، روينيو، آبپاشي، زراعت، ورڪس، مڪاني ادارن  جاسيڪريٽري، اينٽي ڪرپشن ۽ سي ايم انسپيڪشن ٽيم جا چيئرمين، حيدرآباد جو ڪمشنر  تبديل، ان ڏس ۾ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي نئين حڪومت ٺهڻ بعد پهريون ڀيرو 20هين ۽ 21هين گريڊ جي آفيسرن جون وڏي پيماني تي بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، 20هين ۽ 21هين گريڊ جي 5 آفيسرن کان کاتا واپس وٺي کين عهدن تان هٽائي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

ان حوالي سان چيف سيڪريٽري جي منظوري سان سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  ناڻي کاتي جي 21هين گريڊ جي سيڪريٽري ڪاظم جتوئي کي بدلي ڪري کيس آبپاشي کاتي ۾ خالي پيل سيڪريٽري واري عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته تازو وفاق کان سنڌ حڪومت حوالي ٿيل 21هين گريڊ جي آفيسر فياض جتوئي کي ناڻي کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي

21هين گريڊ جي بورد آف روينيو جي سينيئر ميمبر زاهد عباسي کي بدلي ڪري کيس اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جتان شيرين ناريجو کي هٽائي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. حيدرآباد جي 21هين گريڊ جي ڪمشنر خالد حيدر شاھه کي بدلي ڪري کيس مڪاني ادارن واري کاتي ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جتان 21هين گريڊ جي منظور شيخ کي هٽائي رپورٽ ڪرايو ويو آهي

وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم جي 20هين گريڊ جي چيئرمين رفيق ٻرڙو کي بدلي ڪري زراعت کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جتان اعجاز شاھ کي بدلي ڪري ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي خالي پيل عهدي تي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. 21هين گريڊ جي پوليس سروس جي آفيسر فرحت جوڻيجو کي اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، جتان 20هين گريڊ جي ذوالفقار علي شاھ کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

اهڙي طرح پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 21هين گريڊ جي آفيسر بقاالله انڙ کي بورڊ آف روينيو  ۾ سينيئر ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن جي 20هين گريڊ جي اسپيشل سيڪريٽري بخش علي مهر ۽ ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ شهزاد فضل عباسي  کي هٽائي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته 19هين گريڊ جي آفيسر امتياز ابڙو کي اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ مقرر ڪيو ويو آهي