لاڙڪاڻي جو سيشن جج جج تي الزام هڻندي مستفعي

0
66

لاڙڪاڻي جي سيشن جج سيد شرف الدين شاهه هاءِ ڪورٽ جي جج تي الزام هڻندي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ڏانهن اماڻيل استعيفيٰ ۾ سيشن جج الزام هڻندي چيو آهي ته جسٽس سليم جيسر هڪ پٽيوالي کي بنا ميڊيڪل ٽيسٽ جي مقرر ڪرڻ لاءِ ايڊيشنل رجسٽرار ذريعي پيغام اماڻيو

انڪار ڪرڻ تي جسٽس سليم جيسر جي منشي محمد ملوڪ آفيس ۾ اچي مون کي ڌمڪيون ڏنيون، 27 سالن کان جڊيشري جو حصو رهيو آهيان، اهڙي ذلت جي ماحول ۾ فرض سرانجام ڏئي نه ٿو سگهان