سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويو

0
55
سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويو
سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويو

سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويو آهي، عيد الاضحيٰ 16 جون تي ٿيندي

عرب ميڊيا موجب حج جو مرڪزي عيد ڇنڇر 15 جون تي ٿيندو جڏهن ته عيد الاضحيٰ 16 جون آچر تي ٿيندي

ٻئي طرف سلطنت عمان ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر نه آيو، سلطنت عمان ۾ پهرين ذوالحج 8 جون ۽ عيد الاضحيٰ 17 جون تي ٿيندي

ٻئي طرف مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اڄ جمعي تي ٿيندو، موسميات کاتي موجب پاڪستان ۾ ذوالحج جو چنڊ سڀاڻي نظر اچڻ جو قوی امڪان آهي

چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو مرڪزي اجلاس مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ موسميات کاتي جي عمارت ۾ ٿيندو