ٺٽو: نوجوان کي مبينا باندي بڻائڻ وارو ڪيس، ڊي ايس پي سٽي ۽ 4 اهلڪارن جي گرفتاري ظاهر

0
28

ٺٽو (رپورٽ: محبوب بروهي) ٺٽي ۾ نوجوان کي مبينا باندي بڻائڻ وارو ڪيس، ڊي ايس پي سٽي ۽ 4 اهلڪارن جي گرفتاري ظاهر، نوجوان کي مبينا کنڀي ناحق باندي بڻائڻ ۽ ڀتو گهرڻ واري ڪيس ۾ ڊي ايس  پي سٽي ۽ 4 اهلڪارن جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي

پوليس شمن جاکرو واري ڪيس ۾ ڊي ايس پي  سٽي وقار ميمڻ ۽ 4پوليس اهلڪارن جي گرفتاري ظاهر ڪندي کين عدالت ۾ پيش ڪيو

گرفتار اهلڪارن ۾ منصور علي، محرم  علي، دوست علي ۽ مرتضيٰ شامل، جوابدار  عزيز چانڊيو گرفتار نه ٿي سگهيو

عدالت گرفتار ڊي ايس پي وقار ميمڻ  ۽ اهلڪارن کي جڊيشل رمانڊ تي  اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

جوابدارن جي وڪيل پاران سندن ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي، گرفتاري بعد ڊي ايس پي  سٽي وقار ميمڻ ۽ چارئي اهلڪار معطل ڪيا ويا