سني اتحاد ڪائونسل جون مخصوص سيٽس نه ٿيون ٺهن، اهي سيٽس ن ليگ کي ڏنيون وڃن: نواز ليگ اڳواڻ

0
56
سني اتحاد ڪائونسل جون مخصوص سيٽس نه ٿيون ٺهن، اهي سيٽس ن ليگ کي ڏنيون وڃن: نواز ليگ اڳواڻ
سني اتحاد ڪائونسل جون مخصوص سيٽس نه ٿيون ٺهن، اهي سيٽس ن ليگ کي ڏنيون وڃن: نواز ليگ اڳواڻ

نواز ليگ چيو آهي ته اسيمبليز ۾ مخصوص سيٽس صرف اليڪشن وڙهندڙ جماعتن لاءِ هونديون آهن، جن اليڪشن کٽي هجي، سني اتحاد ڪائونسل کي عوام اليڪشن ۾ رد ڪري ڇڏيو، ان ڪري هن ڪا به سيٽ ناهي کٽي

 مخصوص سيٽس  جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ن ليگ اڳواڻن اعظم نذير تارڙ ۽ عطا تارڙ چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جون مخصوص سيٽس نه ٿيون ٺهن، اهي سيٽس ن ليگ کي ڏنيون وڃن

هنن چيو ته  اليڪشن ڪميشن ۾ سياسي جماعتن  جي اميدوارن درخواستون داخل ڪيون هيون، پي ٽي آءِ يا سني اتحاد ڪائونسل طرفان ڪا به درخواست نه ڏني وئي

نواز ليگ اڳواڻن چيو ته هاڻي واويلا ڪئي پئي وڃي ته اليڪشن ڪميشن اسان کي مخصوص سيٽس نه ٿي ڏئي، پي ٽي آءِ پاران مخصوص سيٽس گهرڻ جو مطالبو غير آئيني آهي