سني اتحاد کي مخصوص سيٽون نه ملڻ تي صدر قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جي سمري روڪي ڇڏي: وزيراعظم جي چونڊ رولڙي جو شڪار

0
59
سني اتحاد کي مخصوص سيٽون نه ملڻ تي صدر قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جي سمري روڪي ڇڏي: وزيراعظم جي چونڊ رولڙي جو شڪار
سني اتحاد کي مخصوص سيٽون نه ملڻ تي صدر قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جي سمري روڪي ڇڏي: وزيراعظم جي چونڊ رولڙي جو شڪار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نه ملڻ تي صدر علوي قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جي سمري روڪي ڇڏي، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، وزيراعظم جي چونڊ رولڙي جو شڪار ٿي وئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۾ دير ڪئي پئي وڃي

ذريعن مطابق صدر کي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سومر تي گهرائڻ لاءِ سمري اماڻي وئي هئي. صدر جو خيال آهي ته هو سمري کي 15 ڏينهن تائين روڪي سگهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو چوڻ آهي ته ڪا به سمري 15 ڏينهن تائين روڪڻ جو اختيار رکان ٿو. صدر کي بريفنگ ڏني وئي آهي ته آئين تحت قومي اسيمبليءَ جو اجلاس 29 فيبروري تي لازمي گهرائڻو پوندو. آئين پابند ڪري ٿو ته چونڊن جي 21 ڏينهن اندر اجلاس گهرايو وڃي. ذريعن موجب صدر جيڪڏهن 29 فيبروري تائين اجلاس نٿو گهرائي ته به اجلاس 29فيبروري تي هر صورت ٿي ويندو، آئين جو آرٽيڪل 91 ٻه چوي ٿو ته چونڊن جي 21 ڏينهن اندر اجلاس ٿيڻ لازمي آهي

صدر جيڪڏهن اجلاس نٿو گهرائي ته به اجلاس 21 ڏينهن اندر ٿي ويندو،ذريعن موجب صدر اجلاس نه گهرائيندو ته اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو، ذريعن موجب صدر علوي پاران اجلاس گهرائڻ ۾ ان ڪري دير جو ڪارڻ سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نه ملڻ قرار ڏنو پيو وڃي، ذريعن موجب 4 ڏينهن اڳ پارلياماني وزارت پاران اجلاس گهرائڻ جي سمري موڪلي وئي هئي، پر صدر اڃا تائين اجلاس گهرائڻ جي سمري تي صحيح ناهي ڪئي، صدر جو چوڻ آهي ته ايوان اڃا تائين مڪمل ناهي، ڪجهه مخصوص سيٽن جو فيصلو اڃا ٿيڻو آهي

ذريعن موجب جيڪڏهن 29 فيبروري تي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيو ته ساڳئي ڏينهن حلف کانپوءِ نئين اسپيڪر جو شيڊول جاري ڪيو ويندو، پوءِ پهرين مارچ تي اسپيڪر قومي اسيمبلي لاءِ ڪاغذ جمع ڪرايا ويندا ۽ ٻه مارچ تي اسپيڪر قومي اسيمبلي جي چونڊ ٿيندي. ساڳئي ڏينهن ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي ويندي. اهڙي طرح 3 مارچ تي وزير اعظم جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وارو عمل ٿيندو. 4 مارچ تي قومي اسيمبلي ۾ وزير اعظم جي اليڪشن ٿيندي ۽ 9  مارچ تي صدر جي چونڊ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪرائيندي