سکر ۾ ڇريون تيز، ڪاسائين جا نخرا، صبح، منجهند ۽ شام لاءِ ڌار ڌار ريٽ مقرر، شهرين جون منٿون

0
23

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر جي ڪاسائن قرباني واري عيد تي قربانيءَ جي جانورن کي ذبح ڪرڻ جي لاءِ ڇُريون، ڪات ۽ ڪهاڙا تيز ڪري ڇڏيا آھن، ڪاسائين وٽ عيد جي ٽنھي ڏھاڙن تي بڪنگ وارو عمل مڪمل ٿي ويو، ھينئر بڪنگ لاءِ ايندڙن کان ھڪ کان 2 ھزار رپيا اضافي معاوضو اڳواٽ ڳالهايو پيو وڃي

غريب آباد، ڍڪ روڊ تي گوشت وڪرو ڪندڙ ڪاسائين جو چوڻ هو ته عيد جي پھرين ڏينھن، ٻئين ۽ ٽئين ڏينھن جا الڳ الڳ ريٽ ھوندا آھن، اھڙي طرح وزن جي حساب سان وڏي قرباني جي جانورن ۽ ننڍي جانورن جا اگھه طئي ٿيندا آھن، وڏو قرباني جو جانور 15 ھزار رپين کان 25 ھزار رپين ۾ ۽ ننڍو قرباني جو جانور 25 سو کان 5 ھزار روپين ۾ ذبح ڪيو ويندو، ڇو جو جانور جي ذبح ڪرڻ لاءِ ڪاريگر ۽ مزدور به ھوندا آھن انھن کي به اجرت ڏيڻي ھوندي آھي

ھڪ ڏينھن ۾ 70 کان 100 ننڍا جانور ذبح ڪندا آھيون، جيڪڏھن مفاصلو گھٽ ھوندو آھي ته ان کان وڌيڪ به ڪري ويندا آھيون. جڏھن ته وڏا ڍور سڄي ڏينھن ۾ 10 کان 15 ذبح ٿيندا آهن، ڪاسائين موجب عيد جا ٽئي ڏينھن تمام گھڻي مصروفيات ھجن ٿيون، سال ۾ اِھي ئي ڏينھن ھجن ٿا جو سٺو روزگار ملندو آھي. باقي مھانگائي سبب عوام ننڍو توڙي وڏو گوشت کائڻ گھٽائي ڇڏيو آھي تنھن ڪري روزگار تي به اثر پيو آھي

ھنن چيو ته قرباني ڪندڙ 2 کان 10 لک يا ان کان وڌيڪ جو به قربانيءَ لاءِ ڍور خريد ڪن ٿا، پر ڪجهه ھزار رپيا ڪاسائي سميت پورھيتن کي معاوضو ڏيڻ کان لنوائين ٿا، ڪاسائين جو چوڻ هو ته عيد واري ڏينهن صبح، منجهند توڙي شام جي حساب سان به اگهه طئي ڪيا ويندا آهن، جيڪو سٺو معاوضو ڏيندو اُن جو پهريان قرباني وارو جانور ذبح ڪيو ويندو آهي

ٻئي طرف قرباني ڪندڙن شھرين اعظم خان، شبير ميمڻ، لالا ياسر ۽ ٻين چيو ته مال پڙي تي وڃجي ته مالوند قربانيءَ جي جانور جو پنھنجو اگھه ٻڌائين ٿا، وڏي مشڪل سان ڳالھين، بحث مباحثي  کانپوءِ جڏھن جانور خريد ڪري پھچون ٿا ته وري ڪاسائين جا نخرا برداشت ڪرڻا پون ٿا.

سکر ۾ پنجاب کان به ڪاسائين جو وڏو انگ پهتل

سکر: سکر ۾ ڪراچي، پنجاب کان ڪاسائين جو وڏو انگ پھچي ويو، مختلف ھوٽلن تي عارضي رھائش اختيار ڪري ورتي. اِن ڏس ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب قرباني واري عيد جي حوالي سان ڪاسائين جو ھڪ وڏو انگ پنجاب وارن علائقن کان پھچي ويو آھي، جيڪو گھنٽا گھر، بئراج روڊ، ايئرپورٽ روڊ سميت مختلف ھنڌن تي واقع ھوٽلن توڙي پنھنجي ويجھن دوستن ۽ رشتيدارن وٽ رھائش پذير آھي، جن به ھر سال جيان ھن ڀيري به قرباني وارا جانور ذبح ڪرڻ لاءِ بوڪنگ ڪري ورتي.

سکر انتظاميا پاران ڍورن جا اوجهه ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪرڻ جي دعويٰ

سکر: سکر ميونسپل ڪارپوريشن پاران ڍورن جا اوجهه ٺڪاڻي لڳائڻ جي حوالي سان شهر جي مختلف هنڌن، مسجدن ۾ بيگ ورهايا ويا آهن ۽ ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ پاران قرباني ڪندڙ شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اُهي قرباني واري ڍورن جا اوجهه بيگز ۾ رکن ته جئين روڊن، رستن، گهٽين ۽ محلن ۾ گندگيءَ نه ڦهلجي، هر ڀيري قرباني واري عيد جا ٽئي ڏهاڙا شهر جي چوڪن، چوراهن، گهٽين محلن ۾ رت توڙي جانورن جون اوجهه پيل هجڻ ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور هجن ٿا، هن ڀيري سکر ميونسپل ڪارپوريشن طرفان اڳواٽ بهتر قدم کڻڻ جي ته دعوي ڪئي وئي.

قرباني واري عيد تي سکر ۽ ڀرپاسي سيکڙاٽ ڪاسائي به  ھر ھنڌ موجود ھجن ٿا

سکر: قرباني واري عيد تي سيکڙاٽ ڪاسائي به  ھر ھنڌ موجود ھجن ٿا، جيڪي ڪاسائين طرفان ورتل معاوضي کان 2 ھزار رپين تائين گھٽ وٺي قربانيءَ جا جانور ذبح ڪن ٿا. اِن ڏس ۾ ڪاسائين توڙي شھرين تصديق ڪندي ٻڌايو آھي ته درزي، مزدور توڙي ٻين روزگارن سان لڳل ماڻھو قرباني واري عيد تي ڪاسائي بڻجي ويندا آھن جن کي ڍور ذبح ڪرڻ، کل بھتر طريقي سان لاھڻ ۽ گوشت تيار ڪرڻ جو طريقيڪار معلوم ئي ناھي ھوندو فقط ڪجھ ڀيرا ڪاسائين کي جانور ذبح ڪندي ڏسي ھو ڪاسائي بڻجي ويندا آھن ۽ ماھر ڪاسائين بجاءِ گھٽ اگھ وٺي قرباني جو جانور ذبح ڪندا آھن.