سکر اسپتال جي جيل وارڊ مان هٿياربند خطرناڪ قيدي خيرو تيغاڻي کي ڀڄائي ويا، 3 اهلڪار گرفتار

0
32
سکر اسپتال جي جيل وارڊ مان هٿياربند خطرناڪ قيدي خيرو تيغاڻي کي ڀڄائي ويا، 3 اهلڪار گرفتار
سکر اسپتال جي جيل وارڊ مان هٿياربند خطرناڪ قيدي خيرو تيغاڻي کي ڀڄائي ويا، 3 اهلڪار گرفتار

سکر (بيورو رپورٽ) سکر سول اسپتال جي جيل وارڊ مان خطرناڪ قيدي فرار، قيدي جي ساٿين پوليس اهلڪار کي هٿيارن جي زور تي يرغمال ۽ تشدد جو نشانو بڻائي ساٿي کي ڇڏائي فرار ٿي ويا، فرار ٿيل قيدي 16 کان وڌيڪ سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل هو، قيدي ساٿين سان گڏ ڪچي پهچڻ جي وڊيو وائرل ڪري ڇڏي، 3 اهلڪار معطل ۽ گرفتار

تفصيل موجب سول اسپتال سکر جي جيل وارڊ مان خطرناڪ قيدي خير محمد عرف خيرو تيغاڻي کي سندس نامعلوم ساٿي پوليس اهلڪار کي هٿيارن جي زور تي يرغمال ۽ تشدد جو نشانو بڻائي فرار ڪرائي ويا، مليل ڄاڻ موجب ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار 5 هٿياربند آيا، جن قيدي خير محمد تيغاڻي سان ملاقات ڪري ويل چيئر ڏيڻ بهاني جيل وارڊ ۾ اچي پوليس اهلڪار صادق سانگي کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي تشدد ڪيو ۽ قيدي خير محمد تيغاڻيءَ کي موٽر سائيڪل تي ويهاري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا

جيل وارڊ تي ڊيوٽي ڪندڙ هدايت الله چاچڙ، شهزادو ۽ دوست محمد جمعي نماز لاءِ مسجد ويل هئا، واقعي جو اطلاع ملندي ئي شهر جي مختلف علائقن ۾ ناڪا بندي ڪئي وئي پر جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا

ڊي ايس پي رشيد جوڻيجو، ايس ايچ او سي سيڪشن لياقت لاشاري جيل وارڊ پهتا، جن پوليس اهلڪارن، ڊاڪٽرن ۽ مقامي ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ۽ جيل وارڊ جو جائزو ورتو، ايس ايس پي سکر امجد شيخ جي هدايتن تي جيل وارڊ جي سڪيورٽي تي مقرر اي ايس آءِ هدايت الله چاچڙ، دوست محمد ۽ محمد صادق سانگي خلاف ڪيس داخل ڪري کين لاڪپ ڪيو ويو آهي

ڪچي خيريت سان پهچي ويو آهيان: خيرو تيغاڻي جي وڊيو وائرل

سکر: خطرناڪ قيدي خير محمد عرف خيرو تيغاڻي متعلق ٻڌايو پيو وڃي ته سنڌ سرڪار پاران مٿس انعام رکيل آهي، خيرو تيغاڻي جيل وارڊ مان فرار ٿيڻ کانپوءِ ڪچي ۾ پنهنجي ساٿين سان ويهي وڊيو وائرل ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته سمورن دوستن کي مبارڪ هجي، دوستن جي مدد سان نڪري ڪچي ۾ پهچي ويو آهيان، واضع رهي ته شڪارپور پوليس خيرو تيغاڻي کي رحيم يار خان جي اسپتال مان گرفتار ڪيو هو، جنهن کانپوءِ جوابدار کي ميڊيڪل گرائونڊ تي 31 مئي تي سکر سينٽرل جيل اماڻيو ويو هو، خيرو تيغاڻي کي پيٽ ۾ گولي لڳل هجڻ ڪري علاج لاءِ سول اسپتال سکر جي جيل وارڊ آندو ويصو هو، ٻڌايو پيو وڃي ته خيرو تيغاڻي ڊي ايس پي رائو شفيع الله قتل سميت 16 کان وڌيڪ سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ ملوث آهي

سال اڳ به قيدي فرار ٿيو

سکر: سال 2023ع ۾ به سينٽرل جيل سکر کان ڪورٽ ايندي هڪ قيدي بابو سنگهڙ فرار ٿي ويو هو، جنهن جي الزام هيٺ جيل عملدارن، پوليس لائين جي وڏي منشي شير علي بلو سميت ٻين مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي هئي، جيڪو قيدي به هن وقت تائين پوليس گرفتار ناهي ڪري سگهي