سکر بيراج جي متاثر گيٽ نمبر 47 وٽ ڪيسيئن گيٽ لڳائڻ وارو ڪم به مڪمل

0
49
سکر بيراج جي متاثر گيٽ نمبر 47 وٽ ڪيسيئن گيٽ لڳائڻ وارو ڪم به مڪمل
سکر بيراج جي متاثر گيٽ نمبر 47 وٽ ڪيسيئن گيٽ لڳائڻ وارو ڪم به مڪمل

سکر بيراج جي متاثر گيٽ نمبر 47 وٽ ڪيسيئن گيٽ لڳائڻ وارو ڪم به مڪمل، بيراج تي پانڊ ليول ۾ اضافي بعد ڪينالن کي پاڻيءَ جي فراهمي وڌائي وئي

سکر بيراج جي متاثر گيٽ نمبر 47 تي ڪيسيئن گيٽ نالي عارضي دروازو لڳائڻ جو ڪم به مڪمل ٿي ويو، رائيس ڪينال ۾ 9 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ دادو ڪينال ۾ 2 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو

 نارا ڪينال ۾ 13 هزار 700 ۽ روهڙي ڪئنال ۾ 10 هزار 50 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو، سکر بيراج جي واهن ۾ مجموعي طور 41 هزار 550 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو

 بيراج جو مٿانهون وهڪرو 66 هزار 900 ۽ هيٺانهون وهڪرو 25 هزار 350 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، ڪيسيئن گيٽ لڳائڻ کانپوءِ گيٽ نمبر 47 جي بحاليءَ وارو ڪم شروع ڪيو ويندو