غربت ۽ بکن سان جهيڙيندڙ ڪلاسيڪل راڳي فقير امداد حيدري ۽ سندس ڌيءَ درد بيان ڪندي روئي ويٺا

0
49
غربت ۽ بکن سان جهيڙيندڙ ڪلاسيڪل راڳي فقير امداد حيدري ۽ سندس ڌيءَ درد بيان ڪندي روئي ويٺا
غربت ۽ بکن سان جهيڙيندڙ ڪلاسيڪل راڳي فقير امداد حيدري ۽ سندس ڌيءَ درد بيان ڪندي روئي ويٺا

لاڙڪاڻو: غربت ۽ بکن سان جهيڙيندڙ سنڌ جو ڪلاسيڪل راڳي فقير امداد حيدري ۽ سندس ڌيءَ درد بيان ڪندي روئي ويٺا

 لاڙڪاڻي پريس ڪلب آڏو ميڊيا سان ڳالهائيندي فقير امداد حيدري چيو ته مون فن جي دنيا کي زندگيءَ جا 40 سال ارپيا، ٽي وي ۽ ريڊيو تي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو

فقير امداد حيدري چيو ته فني خدمتن تي ايوارڊ به ڏنا ويا، پر اڄ مان ۽ منهنجو خاندان فاقا ڪاٽي رهيا آهيون

 فقير امداد حيدري چيو ته بيماريون وڪوڙي ويون آهن پر علاج نه ٿو ڪرائي سگهان، ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران ڌيءُ جي روئڻ تي ڪلاسيڪل راڳي به روئي ويٺو