دشمن فلسطين ۾ رتوڇاڻ چاهي ٿو، فسادن کان پري رهو، ظلم ڪندڙ پڪڙ ۾ ايندو: حج جو خطبو

0
22
مصيبتن ۽ فسادن کان پري رهو، قرآن چوي ٿو ته ظلم ڪرڻ وارو پڪڙ ۾ ايندو: خطبہ حج
مصيبتن ۽ فسادن کان پري رهو، قرآن چوي ٿو ته ظلم ڪرڻ وارو پڪڙ ۾ ايندو: خطبہ حج

رياض(م ڊ) مسجدالحرام جو امام ۽ خطيب ڊاڪٽر الشيخ مابرين حمداالمعيقلي چيو آهي ته مصيبتن ۽ فسادن کان پري رهو، دشمن فلسطين ۾ رتوڇاڻ چاهي ٿو، تقويٰ اختيار ڪيو، ڪنهن جو به حق نه کائو ڪنهن کي اذيت نه ڏني وڃي، ظلم ڪندڙ پڪڙ ۾ ايندا، شراب ۽ جوا شيطاني عمل آهي، الله جي نافرماني ڪندڙ جنت ۾ داخل نٿو ٿي سگهي فلسطين ۾ جنگ  پهچي چڪي آهي، سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو، امن ناهي، کاڌو ۽ پاڻي به ناهي، سڀني کان وڌيڪ دعا جا مستحق فلسطين جا رهواسي آهن انهن جي لاءِ دعا ڪئي وڃي

اهڙين ڳالهين جو  اظهار هن مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ڏيندي چئي. شيخ مابرين حمدالمعيقي چيو ته هر شيءَ جو مالڪ اهو آهي جنهن قرآن نازل ڪيو، رحمت بنائي ماڻهن جون حالتون بهتر بنايون، قرآن اهو ڪتاب آهي جنهن جون آيتون حڪمت سان ڀريل آهن. قرآن ماڻهن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي ۽ مان به ان جي گواهي ڏيان ٿو

هن چيو ته الله متقي ماڻهن کي فلاح سان گڏ ڇوٽڪارو ڏئي ٿو. قيامت جي ڏينهن انهن کي ڏک نه پهچندو جيڪو الله جي تقويٰ اختيار ڪندو. انهي کي اتان به رزق ملندو جتي  هن  سوچيو به نه هوندو. جيڪو متقي هوندو الله انهي جا گناهه معاف ڪري انهن جو اجر وڌائيندو

هن چيو ته عبادت صرف الله جي ۽ حڪم صرف الله جو آهي اهوئي دين آهي. پنهنجي رب جي عبادت ڪريو جنهن توکي ۽ توکان اڳ جيڪو پيدا ڪيو اهائي توحيد جي گواهي آهي. هن چيو ته مان گواهي ڏيان ٿو ته حضرت محمد صه الله جو رسول آهي، الله اوهان صه کي سموري جهان جي لاءِ رحمت بنائي اماڻيو. الله محمد صه کي نبي صه بنائي اماڻيو ۽ نبي ڪريم صه جي پيروي جو حڪم ڏنو بيشڪ الله ۽ ان جي رسول جي حڪمن جي پيروي ڪندڙ ئي دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ٿيندا. رسول صه جي عطائت ڪندڙ ئي فلاح ماڻيندا

مسجدالحرام جي امام چيو ته الله کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي الله تي توڪل ڪندڙن لاءِ الله ئي ڪافي هوندو آهي ان ڏينهن کان ڊڄو جڏهن پٽ پيءُ کي ۽ پيءُ پٽ جي ڪم نه ايندو. نماز پڙهو بيشڪ نماز هر برائي کان بچائي ٿي، الله تي توڪل رکندڙن کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ملڻي آهي