ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو، شاهد ميراڻي، فقير سليم ۽ حبيب جمالي)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ايندڙ مالي سال 2024_25ع جي 30 کرب، 56 ارب، 62 ڪروڙ، 62 لک رپين جي سالياني بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن ۾ نوان ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ هڪ رپيو به رکڻ بجاءِ هلندڙ رٿائن کي مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو

جڏهن ته گريڊ هڪ کان گريڊ 6 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو ( گھٽ ۾ گھٽ 37 هزار)، گريڊ 7 کان 16 گريڊ جي ملازمن لاءِ 25 سيڪڙو ۽ گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين جي آفيسرن جي پگهارن ۾ 22 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صوبي ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي گھٽ ۾ گهٽ پگھار 37 هزار رپيا ماهوار مقرر ڪئي وئي آهي

ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته تعليم لاءِ سڀ کان وڌيڪ رقم 519 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جن مان 459 ارب رپيا موجوده روينيو خرچن لاءِ رکيا ويا آهن، صحت لاءِ 334 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جن مان 302 ارب رپيا موجوده خرچن لاءِ رکيل آهن، مڪاني  کاتي جي بجيٽ وڌائي 329 ارب ڪئي وئي آهي

صوبي  جي مڪاني ادارن جي بجيٽ121 مان وڌائي 160 ارب رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. شهري يونين ڪاميٽين کي ماهوار 5 بدران 12 لک ۽ ٻهراڙين جي يوين ڪائونسلن کي 10 لک رپيا ماهوار ملندا، بجيٽ ۾ بنيادي انفرا اسٽرڪچر جي اهم شعبن لاءِ به وڏا وسيلا مختص ڪيا ويا آهن،  جن ۾ زراعت لاءِ 58 ارب رپيا (موجوده خرچن لاءِ 32 ارب رپيا)، توانائيءَ لاءِ 77 ارب رپيا (جاري خرچن لاءِ 62 ارب رپيا)، آبپاشي لاءِ 94 ارب رپيا (موجوده خرچن لاءِ 36 ارب رپيا)، ورڪس اينڊ سروسز لاءِ 86 ارب رپيا ۽ رٿابندي لاءِ 30 ارب رپيا، ٽرانسپورٽ لاءِ 56 ارب ۽ گهرو کاتي لاءِ 194 ارب رپيا رکيا ويا آهن

وڏي وزير چيو ته سنڌ جي صوبائي بجيٽ ۾ سماجي ۽ معاشي ڀلائي  خاص طور تي تازو آيل ٻوڏ جي متاثرن  جي بحالي کي اوليت ڏني وئي آهي. ملازمن جي  پگهارن ۾ 22-30 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ، گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار 37,000 رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي. سماجي سيڙپڪاري لاءِ 34.9 ارب رپيا رکيا ويا آهن جيڪي وچولي طبقي جي آبادي کي سڌي سنئين مدد فراهم ڪندا. بجيٽ ۾ شهرين تي ٻوجهه گهٽائڻ لاءِ 116 ارب سبسڊي پروگرام شامل آهن. هاري ڪارڊ لاءِ  8 ارب رپيا رکڻ سان 12 ملين هارين کي مالي سهائتا ملندي، جنهن سان سنڌ جي زراعت مضبوط ٿيندي. ملير ايڪسپريس وي تي معذورن لاءِ ڪامپليڪس اڏڻ لاءِ 5 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن

پهريون ڀيرو 485 پوليس ٿاڻن لاءِ  3.74 ارب رپين جي بجيٽ مختص ڪئي وئي آهي ته جيئن سندن روزاني خرچن، گشت، سار سنڀال ۽ عوامي خدمت جو خرچ ادا ٿي سگهي 5 سالن دوران سولرائيزيشن لاءِ25  ارب رپيا مختص ڪيا ويندا جنهن سان  26 لک گهراڻن کي سولر بجلي  فراهم ٿي سگهندي، هن چيو ته ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ حب ڪئنال وانگر نئين ڪينال جي تعمير لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويندا

مزدور ڪارڊ تحت 5 ارب رپين جو فلاحي پروگرام سنڌ ۾ مزدورن جي مدد ڪندو. پرڳڻي جي 27 يونيورسٽيز لاءِ 30.6 ارب جي  گرانٽ رکي وئي آهي ،صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ 10ا رب مختص ڪيا ويا آهن،  هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ لاءِ 2 ارب رپيا ۽ ڊي اي ايف ڊي لاءِ 1.5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز بس سروس جو تجربو ڪامياب ٿيو آهي، اسان ايندڙ مالي سال ۾ 300 ڊيزل هائبرڊ  بسون خريد ڪنداسين، جن لاءِ 3 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن

هن چيو ته اسان هيل ڪا به نئين اسڪيم شروع ڪرڻ بجاءِ هلندڙ رٿائن کي مڪمل ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي. اڳ ۾هلندڙ رٿائن کي ريوائيز ( نظر ثاني) ڪرڻ سان 80 ارب رپين جو اضافي خرچ ٿئي ٿو، اسان هيل 50 ڪروڙ کان گھٽ جي اسڪيم يا 70 سيڪڙو خرچ ٿيل اسڪيم کي مڪمل ڪرڻ  لاءِ 100 سيڪڙو ۽ 50 ڪروڙ کان مٿي وارين اسڪيمن لاءِ وري 50 سيڪڙو فنڊنگ ڪري رهيا آهيون ته جيئن اهي اسڪيمون وقت سِر مڪمل ٿي عوام کي لاڀ ڏئي سگھن، هن چيو ته اسان جو 959 ارب جو ترقياتي پروگرام آهي، جيڪو گذريل سال کان  31 سيڪڙو وڌيڪ آهي، اسان ضلعي ترقياتي پروگرام کي پڻ 30 ارب رپين مان وڌائي 51 ارب روپين تائين آندو آهي